سنڌي ويا ڪرڻ

سنڌي ويا ڪرڻ

سنڌي ويا ڪرڻ

سنڌي ويا ڪرڻ (ڪتاب): سنڌي گرامر تي هي ڪتاب شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي. هي ڪتاب هر عمر جي شاگردن کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ واري گرامر جو ڪتاب آهي. هي ڪتاب ابتدا ۾ پنجن ڌار ڌار ڀاڱن ۾ ڇپيو ۽ بعد ۾ پنج ئي ڀاڱا گڏي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. گڏيل سنڌي وياڪرڻ جو پهريون ڇاپو 1961ع ۾، ٻيو ڇاپو 1992ع ۾، ٽيون ڇاپو 2006ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ڇهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ جملو، ڳالهائڻ جا لفظ، جنس، عدد، حالت، اسمن جو ڦيرو شامل آهي. ڀاڱو ٻيو ويهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اسمن جا قسم، ضميرن جا قسم، صفت جا قسم، فعلن جا قسم، فعلن جو ڌاتو يا بنياد (مصدر)، اسم مشتق صيا ڪردنت، زمان، فعلن جو پڇاڙيون، مرڪب فعل، پريوگ، ظرف جا قسم، ترڪيب جي واٽ، تفريق يا ڇيد، بيهڪ جون نشانيون ڏٺل آهن. ڀاڱو ٻيو علم نحو جي پنجن بابن تي مشتمل آهي.هن ڀاڱي ۾ ديباچو ڏنل آهي. ڀاڱو ٽيون پنجن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ اُن جي بناوت، سنڌي ٻوليءَ جو سنسڪرت ۽ پراڪرت سان واسطو، سنڌي باب ۽ حرف علت ۽ حرف صحيح ۽ اعراب، سنڌيءَ ۾ حرفن يا اکرن مان لفظ يا هڪڙي لفظ مان ٻيا لفظ ڪيئن ٿا جُڙن“ عنوان شامل آهن. ڀاڱو ٻيو علم صرف تي ڏهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڳالهائڻ جا لفظ، اسم جو بيان، اسم ضمير جو بيان، اسم صفت جو بيان، اسم ظرف جو بيان، اسم عدد جو بيان، فعل جو بيان، زمانن جا قسم، حرف جو بيان، گرامر يا صرف نحو بابت ڪي ٻيون متفرقه ڳالهيون ۽ هن جي آخر ۾ ضميمو الف ڏنل آهي، جنهن ۾ ٻه ڀاڱا شامل آهن. ڀاڱو پهريون جدا جدا بابن مان سوال ۽ ڪتابي مثال مشقن لاءِ، ڀاڱي ٻئي ۾ سوال ۽ ان کانسواءِ مثال ۽ مشقون ڏنل آهن. ڀاڱو چوٿون چئن بابن تي مشتمل آهي. هن ڀاڱي ۾ به ديباچو ڏنل آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 366 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 220 روپيا آهي.


لفظ سنڌي ويا ڪرڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو